ڪنگري جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻه ڏينهن اڳ قتل ٿيل اوڍا ڌر جي ممتاز حسين، سندس ڀا نورل ۽ نديم احمد جي جنازي نماز ڳوٺ قائم الدين اوڍو ۾ ادا ڪرڻ بعد سندن مڙھه پريالو جي اباڻي قبرستان ۾ سخت پهري هيٺ ھٿيارن جي ڇانو ۾ مٽي ما حوالي ڪيا ويا. انھيء موقعي تي اوڍا ڌر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن حاجي عبدالرزاق اوڍو، رحيم بخش عرف بروهي اوڍو ۽ ٻين چيو ته اسان جو ناريجا ڌر سان ڪو جھيڙو ناهي پر ناريجا ڌر جا ڏوهاري احمدو ناريجو، سائين ڏنو ناريجو ۽ سندس ساٿارين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، خيرپور پوليس به ناريجا ڌر جي ڏوھارين سان ٻٽ بڻيل آھي، جنهن ڪري جوابدار اوڍا ۽ ڀٽا ڌر جا بيگناھه ماڻھو قتل ڪري رهيا آھن، جنهنڪري زمين تي نه ٿا وڃون ۽ فصل به سڪي سڙي رهيا آھن، هنن چيو ته 2016ع ۾ فيض محمد ٻندو واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو هو، جنهن ۾ بدنام ڌاڙيل بلو ناريجو مارجي ويو هو، جڏهن ته ٢ پوليس اهلڪار موقعي تي شهيد ٿيا هئا ۽ 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا هئا، جنهن بعد ڌاڙيل احمدو ناريجو، سائين ڏنو ناريجو ۽ سندن ساٿين پوليس اهلڪار محمد اسحاق اوڍو ۽ پوليس اهلڪار عطا محمد ڀٽو تي مخبري ڪرڻ جو الزام هڻي مختلف وقتن تي کين شھيد ڪيو. هنن چيو ته ايس ايس پي خيرپور ڏوڪڙن عيوض شهيد اهلڪارن جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجا ساڻن ٻٽ بڻيل آهي ۽ اصل جوابدارن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي جيڪو ظلم ۽ ناانصافي آهي، هنن چيو ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته شاهه حسين با پاس تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين. ٻي طرف مقتولن جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، ڄڏهن ته علائقي ۾ سخت ڏهڪا ۽ خوف واري صورتحال برقرار آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close