ريتي جي ڳوٺ ماروالا جو رهواسي پيٽ جي موذي مرض ۾ مبتلا 14 سالن جو نينگر محمد اشرف پٽ پھلوان گوپانگ غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي. نينگر اشرف جي پي پهلوان گوپانگ ٻڌايو ته سندس پٽ اٺن سالن کان پيٽ وڌڻ جي موذي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن جو علاج ڪرائڻ لاءِ گهر جا جانور، قيمتي سامان سميت سڀ ڪجھه وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت مزدوري ڪري گهر جو چلهو هلائيندو آهيان، پٽ جي علاج تي لکين رپين جو خرچ آهي، غريب هجڻ ڪري سندس علاج نه ٿو ڪرائي سگهان. هن اپيل ڪئي ته علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close