شڪارپور ۾ پ پ جيالي ساٿين سان گڏجي آر بي يو ٽي اسپتال پهچي سول سرجن ڊاڪٽر وينگس اياز شيخ کي ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏنا، جنھن خلاف پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽر وينگس اياز شيخ، ڊاڪٽر اطھر شاهه، ايم ايس سيد ڊاڪٽر حفيظ شاهه، ڊاڪٽر سردار عباسي، ڊاڪٽر ظهير شمس ڀٽو، ڊاڪٽر رفيع اللہ ميمڻ ۽ ٻين او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري اسپتال آڏو مظاھرو ڪيو. ان موقعي سول سرجن ڊاڪٽر ونگس اياز شيخ دانھيو ته پيپلز پارٽي جي اي ڪي لاشاري ساٿين سان گڏجي اسپتال ۾ اچي ڌمڪيون ڏنيون ته توکي ھٽائيندس. هن چيو ته هڪ ٻار جي علاج جي سفارش کڻي پھتل اي ڪي لاشاري جي سفارش کان اڳ ئي ٻار جو علاج وقت تي ڪيو ويو ھو، ان ھوندي به ھن ماڻھو وٺي اچي اسپتال اندر گوڙ ۽ بدتميزي ڪئي. ھن چيو ته اي ڪي لاشاري بااثر سياسي بنگلي سان واسطو رکندڙ آھي، جيڪو روز اچي عورت سمجھي گٿا لفظ ڳالھائي ڌمڪائي ٿو ته سي ايم ۽ صوبائي وزير امتياز شيخ کي چئي ھٽرائيندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close