ڍورونارو: ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندڙ پورهيت شاهد راهمون جي قاتلن جي گرفتاري لا ڍورونارو ۾ سماجي اڳواڻن عبدالستار چوپاڻ، عبداللطيف ڪوري، اڪرم سهتو، اڪبر گجو ۽ جان محمد چوپاڻ جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن کان بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته سنڌ جي ڪافي علائقن مان سنڌي نوجوان ڪراچي جي مختلف ڪمپنين ۽ بنگلن تي مزدوري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪري رهيا آهن، پر ڏينهون ڏينهن ڪراچي ۾ سنڌي نوجوانن جي گهڻائي ڏسي طاقتور ڌرين پاران سنڌي ملازمن کي مختلف وقتن تي حراسان ڪري قتل ڪرڻ جا ڪيترئي واقعا پيش اچي چڪا آهن، پر پوليس توڙي سنڌ سرڪار وارثن کي انصاف نٿي ڏياري. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پورهيت شاهد راھمون جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close