اسلام آبادپاڪستان

شبلي فراز سرڪاري طور پوکيل ڀنگ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي شبلي فراز سرڪاري طور تي پوکيل ڀنگ جي ڪٽائي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. شبلي فراز چيو ته ڀنگ جو اهم جز ٻج آهي، جنهن کي برآمد ڪنداسين. ڀنگ جي پوکي سان دوائن جي شعبي کي فائدو ٿيندو. وفاقي وزير شبلي فراز پاڻ ڀنگ جي ڪٽائي ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شبلي فراز چيو ته آبادگار کي ڀنگ پوکڻ لاءِ مختلف قسمون ملنديون. ڀنگ جو ٻچ سڀني کان اهم آهي جيڪو دوائون تيار ڪرڻ ۾ استعمال ٿيندو آهي. حڪومت اهڙي قسم جي پراجيڪٽس جي سرپرستي ڪرڻ چاهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هاڻ زيتون ۽ کاڄن جي تيل کي به برآمد ڪنداسين. ڀنگ تي اهو تاثر آهي ته هي غلط استعمال ٿيندي آهي. جڏهن ته هي دوائن ۾ به ڪم ايندي آهي. انڊسٽريل ۾ ان جي فائبر ڪم ايندي آهي. ڀنگ مان جيڪي شيون نڪرن ٿيون اهي ڊرگ کان وڌيڪ منافعو ڏينديون آهن. جڏهن ته هن ۾ 10 ڀيرا وڌيڪ منافعو ٿيندو ته ڊرگ ۾ گهٽتائي ايندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم زيتون جي مهم هلائي هئي ۽ هاڻ ان جي پروڊڪشن به شروع ٿي وئي آهي. پهريان زيتون جو تيل اسان ڏسندا هئاسين ته امپورٽ ٿيندو آهي. اسان ايگريڪلچر، ايف بي آر، صحت واري وزارت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ملي پاليسي ٺاهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button