اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آ سينيٽر فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن پي ٽي آ سينيٽر فيصل واوڊا جي نااهلي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. فيصل واوڊا آمريڪا ۾ پيدائش جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائي ڇڏيو. فيصل واوڊا جي وڪيل پيدائش جو سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندي ٻڌايو آهي ته فيصل واوڊا پيدائشي طور تي آمريڪي شهري آهي. هن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان اڳ پرڏيهي پاسپورٽ رد ڪرائي ڇڏيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته ڇا پاسپورٽ رد ٿيڻ سان شهريت به ختم ٿي ويندي آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته ٻٽي شهريت رکندڙ ماڻهن کي نائيڪوپ ملندو آهي سڃاڻپ ڪارڊ نه. نادرا 29 مئي 2018 تي نائيڪوپ رد ڪري سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو. نادرا جو پاڪستاني شهري هجڻ جو سرٽيفڪيٽ به پيش ڪيو ويو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڏسڻو پوندو ته نادرا اهڙو سرٽيفڪيٽ جاري به ڪري سگهي ٿي يا نه؟ فيصل واوڊا چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر هجڻ جي طور تي مون کي ايتري خبر نه هئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن سينيٽر فيصل واوڊا ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button