اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، 359 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد : پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ۽ 359 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 359 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ ٻه ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته وڌيڪ 510 مريض صحتياب ٿيا آهن. ڪل مريضن جو انگ 12 لک 92 هزار 406 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 408 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 666 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 54 هزار 104 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 46 هزار 564 ٽيسٽون ڪيون ويون. هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 30 لک 798 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جوا نگ 4 لک 79 هزار 890 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڪل فوتگيون 7 هزار 658 ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button