پاڪستانپنجاب

سندرو ٻڌو، حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي: شهباز شريف

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪمرانن جي ڳچي ۾ هٿ وجهڻ جو وقت اچي ويو آهي، عوام تياري ڪري، سندرا ٻڌي وٺو، جيڪڏهن حڪومت کان فوري طور تي جان نه ڇڏائي وئي ته پاڪستان جو ئي خدا حافظ آهي. لاهور ۾ تقريب کي خطاب دوران شهباز شريف حڪومت کي ڪيرائڻ جو سڏ ڏيندي چيو ته حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ وارو آهي، هنن جي گهٻرائڻ جو وقت اچڻ وارو آهي، آئون تڪڙ ۾ ڳالهائي ويندو آهيان ته دوست مذاق اڏائيندا آهن، مون ڪنهن وقت ۾ چيو هو ته لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي ته منهنجو نالو مٽائي ڇڏجو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button