اسلام آبادپاڪستان

15 جنوري تائين گئس جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي ويندي:پاور ڊويزن

اسلام آباد : سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي توانائي جي ميمبرن بجلي جا بل وڌيڪ اچڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته چيئرمين ڪميٽي چيو آهي ته توانائي وزير جا ٻيا به مسئلا آهن، گئس ڪٿي گم ٿي وئي آهي نه پئي ملي، ان کي به ڳولڻو آهي. سينيٽ جي پاور بابت قائما ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ جمعي تي ٿيو. اجلاس ۾ بجلي بلن ۾ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جو معاملو غور هيٺ آيو، ڪميٽي ميمبر بجلي بل وڌيڪ اچڻ تي ڪاوڙجي پيا. سينيٽر فدا محمد چيو ته پختونخوا ۾ انڊسٽري جا بجلي بل وڌيڪ آيا آهن. سينيٽر هدايت الله چيو ته منهنجو لاجز ۾ بجلي جو بل 32 هزار رپين کان وڌيڪ آيو آهي، 18 هزار 362 رپيا بجلي قيمت ۽ باقي ٽيڪسز شامل آهن. پاور واري سيڪريٽري آصف حسين چيو ته منهنجو بجلي جو بل به ايترو ئي آيو آهي. سينيٽر ثناء جمالي چيو ته ڪوئيٽا ۾ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آهي پر بل وڌيڪ اچي رهيا آهن. پاور ڊويزن عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ فرنس آئل، ايل اين جي ۽ ڪوئلو مهانگو مليو، 15 جنوري تائين گئس جي فراهمي وڌيڪ گهٽجي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button