اسلام آبادپاڪستان

نوازشريف جي نااهلي ختم ڪرائڻ لا رستا ڪڍيا پيا وڃن:عمران خان

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي کي ختم ڪرائڻ لا رستا ڪڍيا پيا وڃن. جيڪڏهن نوازشريف جي سزا ختم ڪرڻي آهي ته سموريون جيلون کولي ڇڏيو. نواز شريف جي سزا ختم ٿيڻ بابت اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سزا يافتا شخص جي سزا ختم ٿي وڃي؟ ڪالهه وزيراعظم عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جي ٿيل اجلاس ۾ چيو ته نوازشريف عوام جو پئسو ُلُٽيو ۽ ٻاهر منتقل ڪيو. پاناما ۾ سندس نالو آيو ۽ عدالت کيس نااهل ڪيو، اڄ تائين مني ٽريل به نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته هڪ ڏوهي جي سزا ختم ڪري کيس چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي؟ ٻئي طرف سارڪ جي جنرل سيڪيرٽري اسالاروان ويراڪون سان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو بيهر سيالڪوٽ واقعي جي سخت لفظن م مذمت ڪندي واضح ڪيو ته واقعي جي ذميوارن کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙِي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا آهن. موسمياتي تبديلي، تعليم، غربت جو خاتمو، توانائي ۽ صحت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ ملڪن ۾ تعاون مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي وزيراعطم سارڪ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري تحت علائقائي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزيراعظم سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي پريانٿا ڪمارا جي موت تي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته اهڙن قدمن جو ڪوئي جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button