بلوچستانپاڪستان

ڪيچ ۾ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: لوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي سڪيورٽي فورسز چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ خوشاب جو رهواسي لانس نائيڪ منظر عباس ۽ خضدار جو رهواسي سپاهي عبدالفتح شهيد ٿي ويا، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا، جن جي ڳولا جي لاءِ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اهڙي دشمن عنصرن جي ڪارروائين کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پر عزم آهي، دهشتگردن جو مقصد بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button