پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بلدياتي نظام خلاف حليم عادل جي اڳواڻي ۾ ريلي

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پي ٽي آ اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ بلدياتي نظام خلاف پوسٽ آفيس چوڪ کان پريس ڪلب تائين تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ريلي ۾ پي ٽي آ ڪارڪنن سرداري نظام ۽ ٻٽي ڪاري قانون خلاف زبردست نعريبازي ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي حليم عادل شيخ چيو ته آصف علي زرداري جهولي جھلي چئي ٿو ته پنجاب وڃي خيما ٿو کوڙيان، پر اتي ته توھان جي پارٽي بچي ئي ناھي، ھاڻي زرداري جي سياست جو آخري وقت اچي ويو آھي، اسان چورن کي ڀڄائي سنڌ کي بچائڻ لا نڪتا آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته 2013ع ۾ بلدياتي قانون ۾ 21 ترميمون آڻي ان کي ڪارو قانون بڻايو ويو آھي، جنھن ۾ بلدياتي ادارن کي اختيار ڏيڻ بدران سمورا اختيار وڏي وزير کي ڏنا ويا آھن، جيڪو سنڌ جي حقن تي ڌاڙو آھي، سنڌ تي قبضو ۽ سنڌ کي تباهھ ڪرڻ وارو قانون آھي، جنھن کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ھن چيو ته سنڌ حڪومت ڪتن ۽ نانگن جي وئڪسين سميت دوائون ۽ ڀاڻ کائي وئي آھي، ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي، ريلي ۾ مقامي پي ٽي اڳواڻن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button