اسلام آبادپاڪستان

ٻين مذهبن جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪيو وڃي:عارف علوي

اسلام آباد :صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم جي اصولن تي عمل پيرا ٿي اسان پاڪستان کي مضبوط ۽ ترقي يافتا بڻائي سگهون ٿا. ٻار اسان جي مستقبل جي قيادت آهن، انهن کي سدائين سچ ڳالهائڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، والدين ۽ استادن جي عزت ڪرڻ، ٻين مذهبن جي ماڻهن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ ۽ خصوصي ٻارن سان محبت جي نصيحت ڪريون ٿا. پاڪستان جي خانداني نظام جي مضبوطي اسان جي ملڪ جو خوبصورت ٿنڀ آهي، اسان کي ان کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان ايوان صدر ۾ قائد ۽ ٻار جي عنوان سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻارن خوبصورت ملي نغما پيش ڪيا جن ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ثقافت جي عڪاسي ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هونهار ٻارن قائد جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ان جي تاريخي ڪارنامن کي اجاگر ڪيو. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. جڏهن ته صدر ۽ خاتون اول ٻارن سان گڏجي قائداعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڊاڪٽر عارف علوي قائد جي ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جي مضبوطي ۽ ترقي اسان جو خواب آهي. قائداعظم هڪ ڀيرو هڪ ٻار کان پڇيو ته توهان کي وڏو ٿي ڇا بڻجڻو آهي ته هن چيو ته آئون قائداعظم بڻجندس جنهن تي باباءِ قوم چيو هو ته پاڪستان کي هڪ ٻئي جناح جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button