اسلام آبادپاڪستان

وفاقي وزيرن اسلام آباد ۾ قائداعظم جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو

اسلام آباد:اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني. چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button