پاڪستانخيبرپختونخوا

اتر وزيرستان ۾ فوجي چوڪي تي فائرنگ، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي: خيبر پختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ فوجي چوڪي تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ هڪ جوان شهيد ٿي ويو. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب دهشتگردن اتر وزيرستان جي علائقي شيوا ۾ پاڪ فوج جي چوڪي تي فائرنگ ڪئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فوجي جوانن دهشتگردن جي فائرنگ تي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ نور مرجان شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button