اسلام آبادپاڪستان

نواز شريف جي جنوري ۾ ڏيهه واپسي جا پڙاڏا، آيو ته سڌو جيل ويندو: حڪومت

اسلام آباد: ملڪ ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي وطن واپسي جا پڙاڏا وڏي پيماني تي شروع ٿي ويا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته موجوده حڪومت ڪجهه مهينن جي مهمان آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نواز شريف واپس وطن آيو به ته کيس سڌو جيل وڃڻو پوندو. مختلف ڄاڻو ذريعا ان ڳالهه جي تصديق پڻ ڪري رهيا آهن ته اسٽيبلشمنٽ موجوده حڪومت جي ڪارڪردگي کان خوش ناهي جنهن ڪري اسٽيبلشمنٽ ۽ مخالف ڌر جي پارٽين ۾ مفاهمت ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ جي حوالي سان به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ان حوالي سان ٻه ڏينهن اڳ سينيئر صحافي سهيل وڙائچ چيو هو ته اسٽيبلشمنٽ ۽ مخالف ڌر ۾ انڊراسٽينڊنگ جون ڳالهيون عام ٿي ويون آهن ۽ ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته موجوده حڪومت مهيني ٻن جي مهمان آهي پر هو ذاتي طور ائين نٿو سمجهي ته حڪومت مهيني ٻن ۾ هلي ويندي. گذريل ڏينهن وري هڪ ٻئي سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار سليم صافي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ وسيلي انڊراسٽينڊنگ واري ڳالهين کي هٿي ڏني آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته نواز شريف ايندڙ مهيني ڏيهه واپس ورڻ جو منصوبو جوڙي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button