اسلام آبادپاڪستان

وزيرن جي بيانن سان لڳي پيو ته وائڙائپ جو شڪار آهن:رحمان ملڪ

اسلام آباد :پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ن ليگ جي قائد نواز شريف کي ڏيهه اچڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. ڪالهه اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل ڪتاب “محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت” جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي رحمان ملڪ چيو ته حڪومتي وزيرن جي بيانن سان لڳي رهيو آهي ته هو وائڙائپ جو شڪار آهن. بيانن سان لڳي پيو ته ڪٿي طوفان اٿيو آهي ۽ دال ۾ ضرور ڪجهه ڪارو آهي. هن چيو ته هي نواز شريف جو ملڪ آهي، کيس ڏيهه اچڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي. اُهو ته وقت ٻڌائيندو ته نواز شريف جي اچڻ سان حڪومت رهندي يا هلي ويندي. ڏسون ٿا ته هن کي آڻڻ بابت طريقيڪار ڪهڙو هوندو، فقط نواز شريف ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته هو ڇو ايندو ۽ هو پاڪستان اچي ڇا ڪندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جڏهن به سرگرم ٿيندو آهي ته سياسي چال سوچي سمجهي کيڏندو آهي ۽ مخالفن کي شڪست ڏيندو آهي. نظر اچي رهيو آهي ته آصف زرداري هن وقت به درست سياسي چال استعمال ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button