اسلام آباد:توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته وڌيڪ طلب جي اڳڪٿي، ايل اين جي ڪارگوز ۾ وڌيڪ ڊفالٽ جا خطرا ۽ بجلي جي پيداواري ڪارخانن ۾ گهٽ اسٽاڪ سبب سرديءَ جي موسم لاءِ 2 لک ٽن فرنس آئل درآمد ڪئي آهي. واهن جي سالياني بندش سبب ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو نيڪال گهٽ ٿيو ۽ فرنس آئل جا پلانٽس هلي رهيا آهن. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فرنس آئل جي گُهرج 13 هزار ڏهاڙي هوندي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فرنس آئل بابت ڪيترين ئي غلطفهمين جي وضاحت ضروري آهي. سرديءَ جي موسم ۾ پاڪستان کي فرنس آئل ۾ گهٽتائيءَ جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو هو، ڇاڪاڻ ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڊيمن ۾ پاڻي گهٽ هئڻ سبب پاور پلانٽس وڌيڪ هلايا ويا. فرنس آئل جي کپت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 116 سيڪڙو وڌيڪ رهي. وفاقي وزير چيو ته وڌيڪ طلب جي پيشنگوئي، ايل اين جي ڪارگوز ۾ وڌيڪ ڊفالٽ جي خطرن ۽ بجلي جي پيداواري ڪارخانن ۾ گهٽ اسٽاڪ سبب سرديءَ جي موسم لاءِ 2 لک ٽن فرنس آئل گُهرائي وئي. توانائي واري وفاقي وزير چيو ته واهن جي سالياني بندش سبب ڊيمن ۾ پاڻيءَ جو نيڪال گهٽ ٿيو آهي، ان لاءِ فرنس آئل تي هلندڙ پلانٽس هلي رهيا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فرنس آئل جي کپت 13 هزار ڏهاڙي ٽن ٿيندي. مقامي ريفائنريز ان حجم جو اڌ پيداوار ڏئي رهيون آهن. آءِ پي پيز وٽ موجود ذخيرا اڃا به گهربل سطح کان گهٽ آهي. توانائي واري وزير چيو ته ايل اين جي ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ ملڪ ۾ فرنس آئل جا وڏا ذخيرا موجود آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close