پاڪستانسنڌ

حڪومت تان ڪنهن جو هٿ نه هٽيو آهي، عمران خان ڪيڏانهن نه پيو وڃي:شيخ رشيد

ڪراچي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت تان ڪنهن جو هٿ نه هٽيو ۽ اسٽيلشمنٽ سان حڪومت جا لاڳاپا بلڪل ٺيڪ آهن، اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف پاڪستان اچڻ چاهي ته کيس 24 ڪلاڪن ۾ ويزا جاري ٿيندي ۽ ٽڪيٽ جا پئسا مان پنهنجي کيسي مان ڏيندس. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته هو بيماري جو ڊرامو ڪري ملڪ کان ٻاهر ويو پر ڪنهن ڊاڪٽر کي نه ڏيکاريو، اهي ماڻهو جي ايڇ ڪيو جي گيٽ نمبر 4 جي پيداوار آهن، انهن اتي وڃي ٽارزن بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا. شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته “آصف زرداري چيو ته مان لاهور ۾ ٽينٽ لڳائڻ وڃي رهيو آهيان، هن کي چوڻ چاهيان ٿو ته هن جي ۽ منهنجي ٽينٽ اکڙڻ جو وقت اچي ويو آهي.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button