پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ ٽرڪ ۽ چنگچي ۾ ٽڪر، ٻارڙي فوت

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب معصوم نينگري فوت ٿي وئي. ٽنڊوآدم با پاس تي سيٽلائيٽ ٽائون وٽ تيز رفتار ٽرڪ ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ۾ سوار 6 سالن جي معصوم نينگري صدف ڌي گلنواز ٿڏي تي فوت ٿي وئي. حادثي ۾ سائرا، ربنواز ۽ غلام نبي سميت 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتي نياڻي جو لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي عورت سائرا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ايل ايم يو حيدرآباد نيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button