اسلام آبادپاڪستان

2013 کانپوءِ پارليامينٽ جي اختيار تي حملا ٿي رهيا آهن:آصف زرداري

اسلام آباد: اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارليامينٽريز آصف علي زرداري محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي شهادت واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ بينظير ڀٽو شهيد کي ڀيٽا پيش ڪندي ان عهد کي ورجايو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي هر خواب جي تعبير ڪنداسين. ملڪ مان غربت ۽ بيروزگاري ختم ڪري عوام کي معاشي تڪليفن مان نجات لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت تباهه حال ملڪ جي ٻيهر تعمير ڪئي، ملڪ کي بچايو هاڻي ملڪ کي مشڪلات مان ڪڍندي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته ملڪ اسان لاءِ پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ پيارو آهي، ان جي آزادي، وقار ۽ عزت تي ڪائي سوديبازي نه ڪنداسين. هن چيو ته اڄ ملڪ خطرناڪ صورتحال مان لنگهي رهيو آهي. ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي. پرڏيهي معاملا زبون حالي جو شڪار آهن. قانون کي موم بڻايو ويو آهي. هن چيو ته منهنجي لاءِ تڪليف واري ڳالهه اها آهي جو غريب سخت ڏکيائي ۾ آهي ۽ رياست جي ثمرن کان کيس محروم ڪيو پيو وڃي. آصف علي زرداري چيو ته 2013 کان پوءِ مسلسل پارليامينٽ جي اختيار تي حملا ٿي رهيا آهن ۽ ان جي عزت ۽ وقار کي بي توقير ڪيو پيو وڃي، جنهن جي پاڪستان پيپلزپارٽي مزاحمت ڪري رهي آهي. آصف زرداري چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي عظيم قرباني رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button