پاڪستانسنڌ

سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي جي 25 هين ورسي ملهائي وئي

پريالو/ميرپوربٺورو/سرھاڙي: پريالو ۾ سنڌ جي سرموڙ راڳي سرمد سنڌي جي 26 ورسي جي سلسلي ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ امجد خان مھيسر جي قيادت ۾ ڪارڪنن مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اياز ڪورائي، سجاد شاھه، اصغر ڪورائي، امحمد علي اڄڻ، آصف بليدي، ھاشم راھوجو، ڪميل ابڙو، ثنا راھوجو، ذوالفقار سيال، نقاش جاگيراڻي، نور سنڌي، الطاف چنو ۽ ٻيا موجود هئا.

ميرپوربٺورو ۾ جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان سنڌ جي قومي راڳي سرمد سنڌي جي 25 هين ورسي جي موقعي تي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. انھي موقعي تي قادر بخش زئور، صابر سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سرھاڙي ۾ جسقم هائوس تي تقريب ڪوٺائي وئي، جتي سرمد سنڌس جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. تقريب ۾ ڳالهائيندي جسقم اڳواڻ پيار علي مشوري، نور شاھه بخاري، ظفر ديشي ۽ ٻين چيو ته سرمد پهنجي جادوئي آواز ذريعي قوم کي بيدار ڪيو، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاري آباڪاري تيزي سان وڌي رهي آهي جيڪا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آهي. تقريب ۾ رسول بخش مشوري، باغي ڀنگوار، روپلو سنڌي، سجاد جمالي، سلمان مگسي، آصف سنڌي، ارسلان مگسي، ضمير سنڌي ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button