پاڪستانسنڌ

ساماري ۾ پاڻي جي واري تان منهن ماري، هاري گوليون هڻي قتل

سامارو: سامارو ڀرسان ديهه 207 جي ڳوٺ اُميد علي خاصخيلي ۾ گذريل رات دير سان پاڻي جي واري تان جوابدار نظر محمد پٽ اُميد علي خاصخيلي پنهنجي ننڍي ڀا نياز محمد خاصخيلي وٽ ھارپو ڪندڙ غريب هاري 32 ورهين جي 4 معصوم ٻارن جي پي ڳوٺ ڊاڪٽر لونگ خاصخيلي جي رھواسي ريواچند عرف راوتو ڪولهي کي پاڻي جي واري تان منھن ماري ٿيڻ بعد ڇاتي ۾ پسٽل جو سڌو فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي سامارو پوليس ۽ مقتول جا وارث واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش مقتول جي چاچي رامسنگهه ڪولهي ۽ ٻين حوالي ڪيو ويو، جيڪي کيتو ٻٻر ڀرسان اباڻي ڳوٺ کڻائي پهتا، مقتول جو لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، مقتول ھاري جو لاش اباڻي مساڻ ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول جي چاچي رامسنگهه ڪولهي جي فرياد تي سامارو ٿاڻي تي جوابدار نظر محمد خاصخيلي مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. قتل ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس سامارو ڀرسان ڇاپو هڻي ڪيس ۾ نامزد جوابدار نظر محمد خاصخيلي کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي وارثن ٻڌايو ته مقتول هاري کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي، ظالم وڏو ظلم ڪيو آهي. هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ کان گهر ڪئي ته جوابدار کي ڦاهي ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button