سنڌ

باقراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند هڙتال، احتجاجي ڌرڻو

باقراڻي شهر ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي دڪاندار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ذيشان تنيو، طارق ڪلهوڙو، روشن شيخ، عمران ڪلهوڙو، منير احمد تنيو، گلشن سومرو، عرفان تنيو، شهمير ڪلهوڙو، زاهد تنيو، محمد حنيف، سيد الطاف شاهه لڪياري، وريام آريجو، نيڪ محمد تنيو، عبدالستار تنيو، امداد علي عباسي ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته پنج ڏينهن اڳ باقراڻي جي مين بازار ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي دڪاندار ذيشان تنيو کان 11 لک روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ويا. ھنن چيو ته واقعي کي پنج ڏينهن گذري ويا پر باقراڻي پوليس نه ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائي ۽ نه ئي جوابدارن جو ڪو پتو لڳايو آهي. ھنن چيو ته گذريل هڪ هفتي اندر 4 موٽر سائيڪلون ڦر، دوڪانن تان ڦرلٽ توڙي شهر سميت آسپاس ڳوٺن جي مسجدن مان بيٽريون، يو پي ايس چوري ڪرڻ جون وارداتون ٿيون آهن پر باقراڻي پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هنن چيو ته شهر سميت موئن جو دڙو روڊ تي قائم پولیس پڪٽن تي پوليس نفري جي کوٽ ڄاڻائي اهلڪار مقرر نه ڪرڻ سبب باقراڻي ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي. شھرين مطالبو ڪيو ته باقراڻي ٿاڻي جي نااھل ايس ايڇ او کي هٽائي ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائي امن بحال ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻي اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button