سنڌ

خانواهڻ ۽ ڀرپاسي وڌندڙ بدامني خلاف شهرين جو احتجاجي مظاهرو

خانواهڻ شهر ۽ ڀرپاسي علائقي ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات اڏن ۽ پوليس جي اڍنگي رويي خلاف اٺين ڏينهن به ڪونڌر ينگ اتحاد، شهري اتحاد، شاهه لطيف فائوڊيشن، سولنگي اتحاد ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب خانواهڻ آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن منظور عباسي، جاويد ڪونڌر، سيد عاشق علي شاهه، غلام مصطفيٰ، وقار ڪونڌر، عبدالغفور سحر، عامر علي ميمڻ، نصير ڪلهوڙو، علي حيدر ڪونڌر ۽ ٻين چيو ته خانواهڻ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، جڏهن ته منشيات سميت سماجي برايون پڻ عروج تي پهتل آهن پر خانواهڻ پوليس اگهور ننڊ ستل آهي. هنن ڊي آ جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته خانواهڻ جي ايس ايڇ او کي هٽائي فرض شناس عملو مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button