سنڌ

قمبر ۾ نوجوان هفتي کان گم، وارثن جي ڳولا ۾مدد جي اپيل

قمبر مان هفتو اڳ نوجوان عبدالحق ڪوري پراسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جي وارثن عبدالفتاح ۽ عبداللطيف ڪوري پريس ڪلب پهچي دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان ڪنهن ڪم سبب گهران نڪري ويو ۽ واپس ناهي آيو، جنهن جي ڪافي ڳولا ڪئي پر ڪٿي به پتو ناهي پئجي سگهيو، سندس گهرڀاتي ۽ معصوم ٻارڙا سخت پريشان آهن. نوجوان جي پيرسن والد چيو ته غريب پورهيت آهيون اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان جي ڳولا ڪري واپس ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button