سنڌ

ڪراچي ۾ ڪتابن جو 16هون عالمي ميلو سڀاڻ کان لڳندو

ڪراچي ۾ 30 ڊسمبر 2021ع تي ڪتابن جو 16هون عالمي ميلو ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿيندو، جيڪو 03 جنوري 2022ع تائين جاري رهندو. اهڙو اعلان ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر (ڪي آءِ بي ايف) جي مئنيجنگ ڪميٽي جي اڳواڻن وقار متين، سيد نثار حسين ۽ عزيز خالد ڪالهه اڱاري ڏينهن هڪ مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪي آءِ بي ايف جي مئنيجنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ دي پاڪستان پبلشرز اينڊ بوڪس سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عزيز خالد تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته 30 ڊسمبر 2021ع کان 3 جنوري 2022ع تائين جاري رهندڙ ان ميلي جو افتتاح سنڌ جو تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاهه ڪندو. هن چيو ته ميلي ۾ 330 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويندا. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي کي اعزازي اسٽال ڏنا ويا آهن. 17 ملڪن جا تقريبن 40 دارا حصو وٺي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button