سنڌ

پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن:گورنر عمران اسماعيل

گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. موجوده حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ وارو پنهنجو واعدو پاڙيو آهي. هن اهڙو اظهار آمريڪا مان آيل 11 رڪني وفد سان گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو. گورنر سنڌ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اداره جاتي سڌارا حقيقي روح سان جاري آهن. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جو پنهنجو واعدو پاڙيو آهي، ڇو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو پاڪستان جي معاشي مضبوطي ۾ اهم ڪردار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button