اسلام آبادپاڪستان

قومي سلامتي پاليسي بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي اپوزيشن جو احتجاج

اسلام آباد :سينيٽ اجلاس ۾ قومي سلامتي پاليسي بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه وٺڻ ۽ ان جو مسودو پيش نه ڪرڻ تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪندي چيئرمين جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو. نادرا ۾ رٽائرڊ فوجي اهلڪارن جي ڀرتي جو معاملو به بحث هيٺ آيو ۽ مخالف ڌر تفصيل فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪالهه سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن سينيٽر شيري رحمان چيو ته قومي سلامتي پاليسي جي منظوري ڏني وئي آهي، اهو صرف هڪ ڪاغذ هوندو. رڳو هڪ پاسي وارو ڪاغذ جو ٽڪرو هوندو، ٻئي پاسي زميني حقيقتون ٻيون هونديون. هن چيو ته هي ڪٿي جي سيڪيورٽي پاليسي آهي، اسٽيٽ بئنڪ کي به گروي رکيو پيو وڃي. ڪهڙي سيڪيورٽي پاليسي آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف ملڪ جي معيشت هلائيندو. شيري رحمان چيو ته اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي پر وزيراعظم پاڻ شرڪت نه ڪئي، جيستائين وزيراعظم پاڻ ان حوالي سان تجويزن ۽ تنقيد کي نه ٻڌندو هي اجلاس بيڪار هوندو. هن چيو ته اها ڪهڙي قومي سلامتي پاليسي آهي جنهن ۾ پارليامينٽ جو ڪو به ڪردار ناهي. قومي سلامتي پاليسي جي آڙ ۾ ڪارا قانون متعارف ڪرايا پيا وڃن. تقرير دوران سينيٽر محسن عزيز گوڙ ڪيو ۽ چيو ته تقرير نه ڪيو، پنهنجو موقف ايوان آڏو رکو، جنهن تي شيري رحمان احتجاجن ايوان مان واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو. جڏهن ته قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته اپوزيشن ۾ جرئت آهي ته جواب ٻڌي وڃي، جنهن بعد اپوزيشن ميمبرز بيهي رهيا ۽ چيئرمين جي ڊائس آڏو احتجاج ڪندا رهيا. شهزاد وسيم چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وردي وارا نه آيا هئا، ان ڪري اپوزيشن وارا به شريڪ نه ٿيا. جڏهن قومي سلامتي ڪميٽي ۾ وردي وارا هوندا آهن ته هي به ڊُڪندا ايندا آهن. شهزاد وسيم جي بيان تي اپوزيشن وارن ايوان ۾ احتجاج ڪيو، ميمبرز چيئرمين جي ڊائس آڏو احتجاج ڪندي نعرا هڻندا رهيا، جوابي طور حڪومتي ميمبرز به سيٽن تان اُٿيا ۽ چيئرمين جي ڊائس آڏو نعريبازي ڪئي. سينيٽ چيئرمين حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز کي پنهنجي سيٽن تي واپس وڃڻ جي هدايت ڪندو رهيو، جنهن بعد ڪجهه ميمبرز واپس سيٽن تي وڃي ويهي رهيا. سينيٽ اجلاس دوران نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۾ رٽائرڊ فوجي اهلڪارن جي ڀرتي جو معاملو به بحث هيٺ آيو ۽ مخالف ڌر ان حوالي سان تفصيل فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته مون سوال ڪيو هو ته نادرا ۾ هٿياربند فوج جا ڪيترا رٽائرڊ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن؟ هن چيو ته نادرا ۾ هٿياربند فوج جي ريٽائرڊ آفيسرن جي ڀرتي جي حوالي سان کيس اڻپورو جواب ڏنو ويو. جڏهن ته سندس سوال انهن آفيسرن جي تعداد بابت هو. هن چيو ته جيتري قدر مون کي خبر آهي ته هٿياربند فوجن جا ڪيترائي رٽائرڊ آفيسر نادرا ۾ ٻيهر ڀرتي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته نوجوانن جو وڏو تعداد نوڪرين جي ڳولا ۾ آهي. سينيٽر مشتاق احمد چيو ته رٽائرڊ اهلڪارن کي مراعات سان ٻيهر ملازمت ڏيڻ نوجوانن سان ناانصافي آهي. ٻڌايو وڃي ته نادرا ۾ ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجي آفيسرن جو تعداد ۽ اهي ڪهڙن عهدن تي آهن. جماعت اسلامي جي سينيٽر جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته نادرا ۾ 6 فوجي آفيسر ڊيپوٽيشن تي ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ اهي رٽائرڊ فوجي آفيسر نه آهن. هن چيو ته سينيٽر مشتاق نئون سوال پيش ڪرائي ڇو ته موجوده سوال انهن بابت هو جيڪي ڊيپوٽيشن تي آيا هئا. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر اعظم نذير تارڙ سوال ڪيو ته رٽائرڊ آفيسرن جا تفصيل، انهن جي ڀرتي جي تاريخ، انهن جون ذميواريون ۽ انهن وٽ نوڪرين جي لاءِ ڪا اضافي قابليت بابت ٻڌايو. هن چيو ته تقريبا ٻه مهينا اڳ، مون اخبار ۾ پڙهيو ته هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه درجن جي لڳ ڀڳ ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويو، جيڪي سڀئي رٽائرڊ فوجي آفيسر هئا. مملڪتي وزير علي محمد خان ان کي تمام سٺو سوال قرار ڏيندي چيو ته ان جو تفصيل سان جواب ڏنو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به خاص مراعتون نه ڏنيون پيون وڃن، اهڙن ماڻهن کي نوڪري جي معيار موجب ڀرتي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button