اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۾ اومي ڪرون ڪيس وڌڻ لڳا، پنجين لهر جو امڪان

اسلام آباد:پاڪستان ۾ اومي ڪرون ڪيسز جي وڌڻ سان فيبروري ۾ عالمي وبا جي پنجين لهر جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي ڏکڻ آفريقي قسم اومي ڪرون جا 75 ڪيسز سامهون اچڻ تي صحت کاتي جي ماهرن ڪرونا وبا جي پنجين لهر جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون جا ڪيسز تمام گهڻي تيزي سان سامهون اچي رهيا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايندڙ ٻن هفتن دوران سموري ملڪ ۾ اومي ڪرون جا ڪيسز رپورٽ ٿيندا. طبي ماهرن موجب ايندڙ سال فيبروري جي وچ ۾ ڪرونا جا 3 کان 4 هزار نوان ڪيسز روزاني سامهون اچي سگهن ٿا. اختيارين واضح ڪيو آهي ته ويڪسين لڳرائيندڙ اومي ڪرون جي ڪيسز کان محفوظ رهي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button