سنڌ

نسلا ٽاور ڪيس:بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آفيس تي ڇاپو،30 آفيسر ذميوار قرار

نسلا ٽاور ڪيس ۾ ڊي آ جي ايسٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري 5 رڪني جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. پوليس پاران ايس بي سي اي آفيسرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن. ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس ايسٽ زون مقدس حيدر مطابق جاچ ٽيم جو انچارج ايس ايس پي ايسٽ انويسٽيگيشن الطاف حسين هوندو. ڪميٽي ميمبرن ۾ ايس ٽي جمشيد ڊويزن فاروق بجراڻي، ڊي ايس پي يوسف، ايس ايڇ او فيروزآباد انسپيڪٽر خشنود جاويد ۽ ايس آ او انسپيڪٽر نثار احمد شامل آهن. ڪالهه اربع ڏينهن منجهند جو سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي يونيورسٽي روڊ تي سوڪ سينٽر ۾ آفيس ۾ ايس پي انويسٽيگيشن ايسٽ جي سربراهي ۾ پوليس اٽالن ڇاپو هڻي ڪيس جي حوالي سان لاڳاپيل آفيسرن کان پڇا ڳاڇا ڪئي، ان دوران آفيسرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ذريعن موجب ايس پي انويسٽيگيشن الطاف حسين ڊائريڪٽر ايس بي سي اي فرحان قيصر سان ملاقات دوران ان کان تفصيل ورتا. جاچ عملدارن ماسٽر پلان سميت ٻين شعبن جي آفيسرن کان پڇا ڳاچا به ڪئي. ايس بي سي اي عملدارن نسلا ٽاور جي 30 ذميوارن جا نالا ڏنا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button