اسلام آباد:)قومي اسيمبلي ۾ حڪومت پاران ضمني مالياتي بل 2021 پيش ڪرڻ دوران اپوزيشن ميمبرز مهانگائي خلاف نعرن تي ٻڌل پلي ڪارڊز کڻي احتجاج ڪيو. ان دوران پيپلز پارٽي جي ميمبر شگفتا جماڻي حڪومتي پارٽي تحريڪ انصاف جي ميمبر غزالا سيفي کي چماٽ وهائي ڪڍي. واقعي بعد تحريڪ انصاف جي ميمبر ايوان مان ٻاهر اچي وئي ۽ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي هٿ کي مروڙيو ويو ۽ منهنجي آڱر زخمي ٿي پئي آهي. غزالا سيفي چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبرز کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڪٿان تعليم حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته مان اسپتال پهتي آهيان، جتي ڊاڪٽرز چئي ڇڏيو آهي ته آڱر ۾ فريڪچر آهي، ان جو ايڪسري ٿيندو، واقعي خلاف درخواست ڏينديس. غزالا سيفي ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته هُن شگفتا جماڻي کي جوابي چماٽ وهائي، ڇو ته هن وٽ ان وقت ڪو ٻيو آپشن نه هو. ان حوالي سان پ پ جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شگفتا جماڻي جو موقف سامهون نه اچي سگهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close