سنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا سبب وڌيڪ 4 مريض فوت،300 نوان ڪيس ظاهر

گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪروناوائرس سبب وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7670 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 13232 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 300 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 278 مريض شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 5198 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 5024 گهرن ۾، 37 آئسوليشن سينٽرن ۽ 137 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن چيو ته 135 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 18 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button