شهيد فطرت ناظم جوکيو جي بيواهه شيرين جوکيو چيو آهي ته وزيراعليٰ مراد علي شاهه پنهنجي واعدي تان ڦري ويو آهي، هن اڃا تائين اسان لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. ايم اين اي ڄام عبدالڪريم اسان سان ڊيل ڪرڻ گهري ٿو. اسان ناظم جوکيو جي رت جو سودو نه ڪنداسين. هن اهي ڳالهيون ملير ڪورٽ ۾ شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي شنوائي کانپو صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. شيرين جوکيو وڌيڪ چيو ته ڄام عبدالڪريم پنهنجي حمايتين کي موڪلي اسان تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي. ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جيڪڏهن تو ڪجهه ناهي ڪيو ته سامهون اچ ۽ ڪيس کي منهن ڏي. لڪي ڇو ويٺو آهين. اسان توکان نٿا ڊڄون ۽ عدالت انصاف ضرور ڏيندي. اوهان ماڻهو اسان جي وڏن کي گهرائي ڊيل جون ڳالهيون ڪريو ٿا. اوهان اسان جي لاءِ ڪجهه به نه آهيو. اسان کي اوهان جي پئسن جي ڪا ضرورت ناهي، نه اسان معافي وٺنداسين ۽ نه معاف ڪنداسين. اسان کي الله پاڪ مان انصاف جي اميد آهي. اسان هر فورم تي وڙهنداسين ۽ اسان کي هر فورم تي انصاف ملندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close