اسلام آباد:پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفليڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز (پڪس) جي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2021 ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پڪس جي سالياني رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل هڪ سال دوران دهشتگردي جي 294 واقعن ۾ 376 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 606 زخمي ٿيا. گذريل سال جي مقابلي ۾ هلندڙ سال جاني نقصان ۾ 46 سيڪڙو اضافو ٿيو. رپورٽ موجب هلندڙ سال پاڪستان ۾ سنڌ ۽ گلگت بلتستان کان علاوه هر ريجن ۾ دهشتگردي وڌي، 2021 ۾ بلوچستان سڀني کان وڌيڪ متاثر صوبو رهيو ۽ خيبرپختونخوا جي قبائلي ضلعن ۾ 103 دهشتگرد حملا ٿيا. پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ 184 عام شهري ۽ 192 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار شهيد ٿيا. جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي حملن ۾ 188 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 220 کي گرفتار ڪيو ويو. پڪس جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2021 ۾ 2017 کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ دهشتگردي جا واقعا ٿيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close