اسلام آبادپاڪستان

نوازليگ ۽ پ پ جي فنڊنگ ۾ ڪروڙن جون رسيدون نه هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي جائزي رپورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي فنڊنگ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جون ڊونيشن رسيدون نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن ۾ سياسي پارٽين جي پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) جي فنڊنگ تفصيلن ۾ مبينا اڪائونٽس جي موجودگي تي نئون پنڊورا باڪس کلڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ(ن) پاران جمع ڪرايل پرڏيهي فنڊنگ تفصيلن ۾ اهم انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. تحريڪ انصاف ايندڙ هفتي پنهنجا اعتراض اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي آڏو جمع ڪرائيندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ(ن) جي فنڊنگ تفصيلن جي حوالي سان تحريڪ انصاف جي اعتراضن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن جنهن ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جون ڊونيشن رسيدون نه هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪنهن چندو ڏنو، ڪنهن امداد ڏني، وڏين رقمن جو رڪارڊ ئي موجود ناهي. مسلم ليگ(ن) جي 19 اڪائونٽس مان 7 اڪائونٽس جي بينڪ اڪائونٽس جي بينڪ اسٽيٽمنٽ ناهي ڏني وئي. 2013 کان 15 تائين تحريڪ انصاف آڊيٽرز(ن) ليگ جي مبينا 7 اڪائونٽن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي، جيڪي اليڪشن ڪميشن کان لڪايا ويا هئا. 5 اڪائونٽ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ ۾ هلي رهيا هئا. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اعتراضن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته(ن) ليگ مبينه طور تي 45 ڪروڙ کان وڌيڪ جو حساب پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صرف ٻه سيڪڙو جو مسلم ليگ(ن) رڪارڊ پيش ڪري سگهي. چونڊن جي لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي مد ۾ ساڍا 16 ڪروڙ جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته حنيف خان جي نالي سان 45 ڪروڙ ۽ ڀون داس کان 3 ڪروڙ جي رقم ورتي وئي. ان رقم جو رڪارڊ به پيش ناهي ڪيو ويو. مسلم ليگ(ن) کي 2013 کان 2015 جي 3 سالن ۾ 46 ڪروڙ جا عطيا مليا. هڪ ڪروڙ 65 لک جي خرچن جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي ملي سگهيو. ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو هڪٻئي کي رقم منتقل ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ رپيا پ پ پارليامينٽرين پيپلز پارٽي کي ڏنا. پيپلز پارٽي جو 35 ڪروڙ عطيات جو تصديق ٿيل رڪارڊ پيش ناهي ڪيو ويو. 2013 ۾ 9-2014 ۾ 11-2015 ۾ 10 اڪائونٽس جا پيپلز پارٽي بئنڪ اسٽيٽمنيٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ناهن ڪرايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button