اسلام آباد :ايف بي آر جي چيئرمين ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته حڪومت کي جي ايس تي تي ڇوٽ واپس وٺڻ جي سياسي قيمت چڪائڻي پوندي. جمعي تي چيئرمين ايف بي آر ڊاڪٽر محمد اشفاق ضمني فنانس بل تي نيوز بريفنگ ڏيندي آئي ايم ايف جو هميشه کان مطالبو رهيو آهي ته روينيو وڌايو ۽ سڌارا ڪريو. ماضي ۾ جڏهن به آئي ايم ايف پاران مطالبو آيو، اسان نوان ٽيڪس لڳائي ڇڏيون ٿا پر پالسي سطح جي تبديلين تي ڪنهن ڌيان ناهي ڏنو. آئي ايم ايف جو مطالبو ٽيڪس فرق کي ختم ڪرڻ جو هو، اسان جو فوڪس به ٽيڪس فرق کي ختم ڪرڻ تي آهي. هن چيو ته مني بجيٽ جي ذريعي جيڪي سڌارا آندا ويا آهن، اهي تاريخي آهن 200 کان وڌيڪ ماليت جي امپورٽيڊ موبائيل فون تي 17 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. پاڪستان ۾ ٽيڪسز جون جيتريون مراعوتون آهن، ان حساب سان پاڪستان کي دنيا جو سڀ کان وڏو صنعتي ملڪ هجڻ گهرجي. مراعتن جي باوجود پاڪستان دنيا جو وڏو صنعتي ملڪ نه آهي، اهو ئي آئي ايم ايف چوي ٿو ته جڏهن ايئن نه آهي ته پوءِ هي فرق ختم ڪيو وڃي. حڪومت وٽ روينيو وڌيڪ ايندو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي وڌيڪ ڏني ويندي. آئي ايم ايف جي پروگرام مان نڪري وڃو ته پوءِ هڪ ئي بجيٽ پيش ٿيندي رهندي. هن چيو ته حڪومت کي جي ايس ٽي ڇوٽ واپس وٺڻ جي سياسي قيمت چڪائڻي پوندي. ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته هي فيصلا ملڪي معيشت لاءِ ۽ ڊاڪيومينٽيشن لاءِ ضروري هئا. حڪومت وٽ روينيو وڌيڪ ايندو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي وڌيڪ ڏني ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close