پاڪستانپنجاب

شهباز شريف ۽ مريم کي هيلٿ ڪارڊ موڪلي رهيا آهيون:شهباز گل

لاهور : سياسي معاملن بابت وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار شهباز گل چيو آهي ته صحت ڪارڊ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر کي موڪلي رهيا آهيون. لاهور ۾ گورنر هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز کي به هيلٿ ڪارڊ موڪلي رهيا آهيون، انهن 16 ملازمن کي به هيلٿ ڪارڊ موڪلينداسين، جن جي اڪائونٽن ۾ جعلي ٽي ٽي لڳنديون رهيون. هن چيو ته هاڻ علاج لاءِ ڪنهن کي لنڊن نه وڃڻو پوندو، ڪجهه ڏينهن ۾ پنجاب جي هر شهري کي صحت ڪارڊ ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button