ڪڍڻ: ڪڍڻ شھر ۾ جميعت علما اسلام يونٽ طرفان ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، وڌندڙ بدامني ۽ ڪراچي جي مسجد ڊاھڻ واري فيصلي خلاف اقصى مسجد کان جي يو آ اڳواڻ مولانا الله بخش نوتيار، مولوي لال محمد بروھي، مولوي عيسى بجير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مين چوڪ تي پھتي ته ڪارڪنن ڪڍڻ علي بندر مين روڊ بند ڪري مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي پئي وڃي، 1700 سئو واري ٻوري 3000 کان 3500 ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، جيڪو آبادگارن سان سراسر ظلم آھي. هنن وڌيڪ چيو ته ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آھي، جيڪا حڪمرانن جي نااهلي آھي، ڪراچي جي قديم مسجد کي عدالت جي ڊاهڻ واري حڪم تي نظرثاني جي اپيل ڪريون ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close