پاڪستان

جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ جيٽ فيول جي شديد کوٽ

ڪراچي: آئل ريفائنريز جي بندش سبب جهازن کي گهربل جيٽ فيول جي سپلائي ۾ شديد ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) 15 ڏينهن تائين گهربل مقدار ۾ اي ون نالي فيول سپلائي کان معذرت جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ايئرپورٽ تي پي ايس او ايوي ايشن اختيارين مئنيجر ايئرپورٽ سروسز جي نالي اي ميل جاري ڪندي چيو آهي ته لاڳاپيل سروسز پرووائيڊرز پرڏيهي جهازن کي وڌ کان وڌ جيٽ فيول گڏ آڻڻ بابت آگاهه ڪن. اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي جهازن کي رڳو لازمي صورت ۾ فيول سپلاءِ ڪئي ويندي ۽ صورتحال معمول تي اچڻ تي جيٽ فيول سپلاءِ بحال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button