اسلام آبادپاڪستان

ڀارت ۾ 73 مهاڻن سميت 355 پاڪستاني ۽ پاڪستان ۾ 628 ڀارتي قيد

اسلام آباد:پرڏيهي کاتي چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن سان پاڪستان ۾ 628 ڀارتي قيدين جي فهرست شيئر ڪئي، جن ۾ 51 شهري ۽ 577 مهاڻا شامل آهن. اهو قدم پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 21 مئي 2008 جي صحيح ڪيل قونصلر پهچ جي معاهدي جي شق (آءِ) موجب کنيو ويو، جنهن تحت ٻنهي ملڪن کي سال ۾ ٻه ڀيرا پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪٻئي جي تحويل ۾ قيدين جي فهرست جي ڏي وٺ ڪرڻي هوندي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ائين ئي ڀارتي حڪومت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن سان ڀارت ۾ 355 پاڪستاني قيدين جي فهرست شيئر ڪئي، جن ۾ 282 شهري ۽ 73 مهاڻا شامل آهن. پرڏيهي کاتي ٻڌايو ته هڪ ٻئي معاهدي تحت پاڪستان ۾ جوهري هنڌن ۽ سهولتن جي فهرست پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي حوالي ڪئي وئي. جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزارت به جوهري هنڌن ۽ سهولتن جي فهرست نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن حوالي ڪئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تحت ٻنهي ملڪن کي هر سال پهرين جنوري تي پنهنجي جوهري هنڌن ۽ سهولتن بابت هڪٻئي کي آگاهه ڪرڻو هوندو آهي ۽ اهو عمل پهرين جنوري 1992 کان جاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button