اسلام آبادپاڪستان

ڪمزور ۽ طاقتور لا ڌار ڌار قانون سان قومون تباهه ٿي وينديون آهن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف ۽ قانون جي حڪمراني سان ئي قومون ترقي ڪنديون آهن. ڪمزور ۽ طاقتور لا ڌار ڌار قانون رکڻ سان قومون تباهه ٿي وينديون آهن. ڪالهه وزيراعظم عمران خان عالمي اسڪالرن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رسول الله صه دنيا جي بهترين شخصيت هو. نبي صه اخلاقيات جي معيار کي بلند ڪيو. مديني جي رياست ۾ قانون جي حڪمراني کي گهڻي اهميت حاصل هئي ۽ قانون جي حڪمراني تي سختي سان عمل ٿيندو هو. هن چيو ته انصاف ۽ قانون جي حڪمراني سان ئي قومون ترقي ڪنديون آهن. عمران خان چيو ته نبي صه جي جي مثالن تي عمل ڪرڻ سان ئي خوشحالي جو رستو ملندو آهي، جڏهن ته غريب ۽ امير جي لاءِ ڌار قانونن سان قومون تباهه ٿي وينديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button