اسلام آبادپاڪستان

تيل مهانگو ڪرڻ کانپو بجلي به مهانگي ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد :نئين سال ۾ تيل مهانگو ڪرڻ کانپو بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين ٽيرف ۾ واڌ جي لاءِ نيپرا سان رابطو ڪري ورتو. ان حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٽيرف ۾ واڌ هلندڙ سال جي پهرئين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي. بجلي جي اگهه ۾ واڌ سان واهپيدارن تي 17 ارب 85 ڪروڙ رپين جو واڌو بار پوندو. جڏهن ته اگهه ۾ واڌ ڪيپسٽي چارجز ۽ بجلي پهچائڻ وارن خرچن جي مد ۾ ڪئي ويندي. نيپرا پاور ڊويزن جي درخواست تي 12 جنوري تي ٻڌڻي ڪندي. واضح رهي ته 9 ڊسمبر تي نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي مهيني جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهه ۾ 4 رپيا 74 پئسا واڌ ڪئي هئي. بجلي جي اگهن ۾ واڌ مهيني جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي، بجلي جي واهيپدارن کان واڌو بار ڊسمبر جي بلن ۾ اوڳاڙي ڪرڻو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button