سنڌ

لطيف کانپوءِ سنڌي ادب ۾ شيخ اياز عھد ساز شاعر آھي:نور احمد جنجهي

اسلام ڪوٽ:اسلام ڪوٽ ۾ نامياري اديب پروفيسر نور احمد جنجهي جي شيخ اياز جي منظوم ڊرامي دودي سومري جو موت جي انگريزي واري ترجمي واري ڪتاب بابت تقريب ٿي گذري، جنھن ۾ پروفيسر نور احمد جنجهي ڪتاب تي تفصيلي ڳالهائيندي چيو ته شيخ اياز انساني عظمت جو شاعر آھي. شيخ اياز پنھنجي ڪتابن ۾ انساني عظمت، شعور سان گڏ انسانيت جو درس ڏنو آھي. ھن واضح ڪيو ته سامراج نسل ناھي ھوندو، سامراج سوچ ھوندي آھي. ھن سدائين انساني فڪر، آزادي کي پنھنجي قلم جو موضوع بڻايو. لطيف کانپوءِ سنڌي ادب ۾ شيخ اياز عھد ساز شاعر آھي. ھن لطيف جو تسلسل برقرار رکندي شاعري ۽ نثر جي ڪتابن ذريعي ماڻھن کي علم ڏنو. ھن منظوم ڊرامي کي ترجمو ڪرڻ جو مقصد شيخ اياز جي ڪم کي ڊي ڪوڊ ڪرڻ ھو. ھيءُ انگريزي ٻولي ۾ لکڻ جو مقصد پڻ شيخ اياز جو علم دنيا تائين پھچائڻ آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ڏند ڪٿا کي عالمي ادب ۾ مقام حاصل آھي، ڏند ڪٿائون انساني تاريخ عظمت ۽ دلين سان سلهاڙيل ھونديون آھن. اياز ھن ڪتاب ۾ نه رڳو ڪردارن سان بلڪه تاريخ سان به خوب نڀايو آھي. ان کان علاوه مھورتي تقريب ۾ ڏنل شاھه راز ۽ دوست محمد ھاليپوٽي پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته لطيف کانپوءِ سنڌي ادب ۾ پيدا ٿيل خال شيخ اياز ڀريو. ھن نه رڳو عوامي موضوع تي طبع آزمائي ڪئي گڏوگڏ تاريخ تي پڻ لکي. جڏھن ته شاھنواز خاصخيلي، گھنشام داس ۽ منظور ڪنڀر ڪتاب تي مقالا ۽ تبصرا پيش ڪيا. جڏهن ته پروفيسر جيٺانند، ڊاڪٽر شنڪر لال، نور احمد جنجهي جي شخصيت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پياري شواڻي چيو ته سنڌي ادب ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان پوءِ شيخ اياز جا تمام گهڻا ڪتاب ڇپيا ۽ ان کانپوءِ سائين نور احمد جنجهي جو نالو به ساڳئي فھرست ۾ اچي ٿو جيڪا اسان لاءِ فخر جهڙي ڳالهھ آھي.تقريب کي صحافي مبارڪ بجير، اسلم ڪنڀر ۽ ٻين خطاب به ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button