سنڌ

شهيد صحافي شان ڏهر جي اٺين ورسي،قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ريلي

ناليواري صحافي شهيد شان ڏهر جي اٺين ورسي ملهائي وئي. ان سلسلي ۾ شهيد جي ڀيڻ فوزيه ڏهر، نياڻين رانيه بتول ۽ عاليه بتول پريس سٿ ۽ شهرين شهيد شان ڏهر جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتح خواني ڪئي. ان کانپوءِ شهيد جي ڀيڻ فوزيه ڏهر ۽ باڊهه پريس ڪلب جي صدر زيب علي ساريو جي اڳواڻيءَ ۾ صحافين ۽ شهرين شهيد شان ڏهر جي مزار کان جاءِ شهادت تائين ريلي ڪڍي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته شان ڏهر آئيڊيل صحافي هو، جنهن صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته 8 سال گذرڻ باوجود شهيد جي ناحق خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي، جيڪو هڪ الميو آهي. مقررن چيو ته قاتل ته گرفتار ڪرڻ پري جي ڳالهه پر وقت جي حڪمرانن پاران شهيد جي نياڻين جي سهائتا لاءِ ڪيل واعدا پڻ وفا نه ٿي سگهيا آهن. تقريب ۾ شهيد جي ڀيڻ فوزيه ڏهر اپيل ڪئي ته ڪيس ري اوپن ڪري نئين سر جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. آخر ۾ شهيد جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري شهيد شان ڏهر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button