اسلام آبادپاڪستان

تعليم جي وزارت،صحت ۽ عدليا عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام

اسلام آباد :هڪ تازي سروي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تعليم جي وزارت، صحت جي وزارت ۽ عدليا عوام جي اميدن تي پورو ناهن لهي سگهيا. اپسوس پاڪستان پاران ڪيل سروي ۾ ملڪ مان 1100 کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو، جنهن ۾ انهن کان مختلف وزارتن ڪارڪردگي بابت پڇيو ويو. سروي ۾ عوام تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اين سي او سي، وزيراعظم جي صحت واري خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ عدليا جي ڪارڪردگي کي خراب قرار ڏنو. سروي ۾ 46 سيڪڙو پاڪستانين شفقت محمود جي ڪارڪردگي کي توقع کان خراب چيو. جڏهن ته 14 سيڪڙو وفاقي وزير جي ڪارڪردگي کي توقع کان بهتر قرار ڏنو. ان کان سواءِ 40 سيڪڙو عوام چيو ته جيڪا اميد هئي، شفقت محمود تيئن ئي ڪم ڪيو. سروي ۾ 45 سيڪڙو تعليم واري وزارت جي ڪارڪردگي کي توقع کان خراب قرار ڏنو ويو. 18 سيڪڙو توقع کان بهتر جڏهن ته 37 سيڪڙو جهڙي توقع هئي تهڙي ئي ڪارڪردگي ٿيڻ جو چيو. اپسوس مطابق 40 سيڪڙو پاڪستاني اين سي او سي جي ڪارڪردگي کي به توقع کان خراب چوندي نظر آيا. 21 سيڪڙو توقع کان بهتر چيو ۽ 39 سيڪڙو جهڙي ڪارڪردگي جي اميد هئي. تهڙي ٿيڻ جو چيو. ڊاڪٽر فيصل سلطان جي ڪارڪردگي کي 45 سيڪڙو پاڪستانين توقع کان خراب قرار ڏنو. جڏهن ته 16 سيڪڙو بهتر ۽ 39 سيڪڙو جهڙي ڪارڪردگي جي اميد هئي تهڙي ٿيڻ جو چيو. سروي ۾ عدليا جي ڪارڪردگي کي 47 سيڪڙو پاڪستانين توقع کان خراب قرار ڏنو. 15 سيڪڙو توقع کان بهتر جڏهن ته 38 سيڪڙو چيو ته جهڙي توقع هئي عدليه جي ڪارڪردگي تهڙي ئي رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button