پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ جي ماڃٺي ڳوٺ ۾ ڊسپينري ۽ اسڪول بند

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ تعلقي جو وڏو ڳوٺ ماڃٺي ڪيترين ئي بنيادي سھولتن کان محروم آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ديالداس، کينئراج، نندلال، ڪونڀو، ڦلو مل، تنون مل، نھال، تاراچند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ماڃٺي جي ميگھواڙ پاڙي ۾ قائم پرائمري اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي چڪي آهي، اسڪول ۾ 70 کان وڌيڪ ٻارڙا داخل آھن، فرنيچر ۽ استادن جي کوٽ سبب ٻارن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي، رڳو هڪ استاد 70 ٻارن کي پڙهائي پيو، اسڪول جي مرمت ڪرائي وڌيڪ ھڪ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي. ميگھواڙ پاڙي ۾ 2011ع ۾ منظور ٿيل پير پٿوري ستسنگ هال جو زمين تي بنياد ئي ناھي، پر ڪاغذن ۾ مڪمل ڄاڻايل آهي، اسان کي مندر ٺھرائي ڏنو وڃي. هنن گهر ڪئي ته مسئلا حل ڪري 10 سالن کان بند پيل مين پرائمري بوائز اسڪول ۽ ٻن سالن کان بند ڊسپينسري کولرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button