پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڀاڻ جي کوٽ خلاف جماعت اسلامي جو احتجاج

يرپورخاص: سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ميرپورخاص ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي جماعت اسلامي امير زاهد الرحمان، رفيق چوهاڻ، عاصم شيخ، عمر مهر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، هن وقت ڪڻڪ جو فصل پوکيل آهي، پر يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ڪري ڊيلر بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، في ٻوري تي هڪ هزار رپين کان وڌيڪ رقم وصول ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري ننڍا آبادگار ڀاڻ خريد ڪرڻ جي سگھه نٿا رکن، آبادگارن توڙي هارين هميشه پ پ کي ووٽ ڏنو آهي، پر هن معاملي تي سنڌ حڪومت مڪمل خاموش آهي. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري سرڪاري اگهه تي ڀاڻ ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button