سنڌ

نوشهروفيروز ۾ 2 مقتولن جو چالان پيش نه ٿيڻ خلاف احتجاج

نوشهروفيروز ويجهو ابڙان ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن اطھر ۽ محب سولنگي جي وارثن ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي وارثن حاڪم سولنگي، خالد، محرم ۽ صوف سولنگي ٻڌايو ته ڊي ايس پي حميد پنھور ٻن نوجوانن اطھر ۽ محب سولنگي کي فائرنگ ڪري بيگناھه قتل ڪيو ۽ ڏوھه لڪائڻ لاءِ ڊي ايس پي ڪوڙي مقابلي جو ڊرامو رچايو. ھنن چيو ته پوليس ڊي ايس پي جي مدد ڪري رھي آھي، جنھن ڪري عدالت ۾ ڪيس جو چالان پيش نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ھاڻي وري ڪيس جي جاچ ابڙان ٿاڻي کان نوشھروفيروز منتقل ڪئي وئي آهي ۽ ڪيس کي اجايو اينگھائي خراب ڪرڻ ۽ ڊي ايس پي جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو سراسر ظلم آهي. ھنن چيو ته ڊي ايس پي مقتول نوجوانن جي وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. جنھن سبب وارثن جون زندگيون به خطري ۾ آھن. ھنن چيو ته ڊي ايس پي کي گرفتار ڪري چالان پيش ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button