سنڌ

جروار ويجهو سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، فائرنگ، احتجاج

جروار ويجهو ڳوٺ خدا بخش لغاري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته ڌرين هڪٻئي جي گهرن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪا پکڙجي ويو. ان حوالي سان متاثرن عورتن سميت احتجاج پڻ ڪيو. احتجاج ڪندڙن مائي حسنه، مائي عاشه، فريده، اختياران، نوران، سڪندر لغاري، مهربان لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن انور، قبول، احسان، شاهن، دالو لغاري اسان جي گهرن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ اسان جا گهرڀاتي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا، هنن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. جروار پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، پوليس موجب جوابدارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button